پوليس پاران بدنام ڌاڙيل لالو شيخ کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي)رپورٽ حميد ڪلادي) پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته سرحد ڀرسان ڪچي جي علائقي آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھارين سان سندن مقابلو ٿيو جنهن ۾ بدنام ڌاڙيل لعل عرف لالو شيخ مارجي ويو ۽ ٽي ڄڻا فرار ٿي ويا. مبينه ڌاڙيل جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاش مرده خاني ۾ پيل آهي، وارث ڊپ کان لاش وٺڻ نه آيا آهن. آندل سندراڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته  لعل عرف لعلو شيخ تي پنجويهن کان مٿي سنگين نوعيت جا ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل آهن.

آندل سندراڻي پوليس کي خفيه اطلاع مليو ته ڏوھاري ڏوھ جي ارادي سان وڃي رھيا آهن، پوليس پيڇو ڪيو ته ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري لعل شيخ مارجي ويو ۽ ساٿي فرار ٿي ويا. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس ڪجه ڏينهن اڳ لعل عرف لالو کي گرفتار ڪيوهو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو