پوليس ياسمين راشد کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس ياسمين راشد کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور)ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عندليب عباسي جو چوڻ آهي ته پوليس ياسمين راشد کي گرفتار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ عندليب عباس چيو ته پوليس ڇاپن سبب ياسمين راشد گهر ۾ موجود نه هئي، ٻه ڏينهن اڳ ياسمين راشد جي مڙس ۽ ڀائٽي کي به گرفتار ڪيو ويو هو.هن چيو ته ياسمين راشد جي مڙس کي صحت جي خرابي سبب آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ياسمين راشد جو ڀائٽيو اڃا تائين پوليس جي حراست ۾ آهي.عندليب عباس چيو ته ياسمين راشد ڊفينس يا ڪيولري گرائونڊ ۾ لڪيل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو