ڊيرا الله يار(ن س) ڳوٺ حميد کوسو لڳ پوليس موبائيل تي هينڊ گرنيڊ سان حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پوليس موبائيل تي دستي بم سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار عبدالفاروق، اي ايس آءِ يار محمد کوسو، واٽهڙو عمران علي ، الاهي بخش ، صدر ۽ رحيم بخش زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ڀر ۾ بيٺل ٻار به سخت زخمي آهي، هڪ اهلڪار جي کاٻي ٽنگ ٽٽي پئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربند موبائيل تي بم اڇلي ڀڄي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهيو پر جوابدار پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا. ٻئي پاسي بم حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي ڊيرا الهيار اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان حوالدار يار محمد ۽ سپاهي فاروق بگٽي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال اماڻيو ويو آهي. هن خبر ۾ ابتدائي ڄاڻ ۽ تصويرون ڪشمور مان جي ايم کوسو موڪليون آهن










