پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) سلطانپور لڳ ڳوٺ ڊرٻ ۾ انڍڙ برادري جي عورتن پاران وڏيري جڙيل خان ڌاريجو طرفان مبينہ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ڳوٺ تي پوليس پاران چڙهائي ڪري ٽن نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ ۽ چوپايو مال ٻڌي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين مائي لال خاتون، مائي لال زادي، مائي ياسمين ۽ عرفان انڍڙ ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڪجھ مهينا اڳ وڏيري جڙيل خان ڌاريجو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي هٿياربند ساڻ ڪري گهر ۾ گهري مائي لال خاتون سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هئي. جنهن جو ڪيس حد جي ٿاڻي سلطانپور تي داخل ڪرايو هيوسين جنهن جون ٻڌڻيون ڪورٽ ۾ ھلندڙ آهن، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران وڏيري جي چوڻ تي اسان جي مٿان مختلف قسمن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي پئي اچي ۽ متاثر عورت پاران داخل ڪرايل ريپ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي وڏيرو پڻ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون پيو ڏي. هنن الزام هڻندي چيو تہ پنوعاقل تڪ جو ايم پي اي ڄام اڪرم ﷲ ڌاريجو، يوسي ڊرٻ جو چيئرمين محمد حسن ڌاريجو ۽ وڏيرو اڪبر خان ڌاريجو پڻ وڏيري جي پٺ ڀرائي ڪري رهيا آهن. هنن ٻڌايو ته ڪالھ پوليس اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 3 نوجوانن عبدالقيوم، دلدار ۽ سومر کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ چوپايو مال 7 اٺ، 21 ٻڪريون ۽ 11 ڳئون پڻ ٻڌي وئي آهي. مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪن. ايم پي اي کان موقف معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پر سندس نمبر بند هو.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل