پوليس شهيدن کي سلام، قوم پوليس جي قربانين جي قرضي آهي،صدر

پوليس شهيدن کي سلام، قوم پوليس جي قربانين جي قرضي آهي،صدر

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي صدر عارف علوي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، وفاقي وزير داخله ۽ چئني صوبن جي پوليس سربراهن پاران شهيد پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج پيش ڪيو ويو آهي. هر سال جيان 4 آگسٽ تي پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو وڏي شان ۽ مان سان ملهايو ويو ۽ ملڪي جي سڀني حصن ۾ مختلف نوعيت جو تقريبون منعقد ڪري پوليس جي شهيدن کي خراج پيش ڪيو ويو. صدر عارف علوي چيو ته قوم پوليس جي قربانين جي قرضي آهي. پوليس ملڪي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سڀني کان اڳ ۾ قرباني ڏيندي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شهيد پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج پيش ڪندي وارثن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هو پوليس جي شهيد سمورن اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿو. پوليس هڪ مضبوط پيشيور فورس آهي. وزير داخله  اعجھاز شاهه چيو ته پوليس جي قربانين سبب ملڪ محفوظ آهي. پوليس جي ڄئني آءِ جيز جي هدايتن تي هر ضلعي م شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ خصوصي تقربون منعقد ڪيو ويون. شهيدن جي خاندانن م عيد جا ڪپڙا تقسيم ڪيا ويا، ڪٿي شهيدن جي زمينن تي رونبو هنيو ويو ته ڪٿي واڪ ڪئي وئي، ڪٿي جلوس ڪڍيا ويا، ڪٿي سيمينار منعقد ڪيا ويا،اهڙي قسم جون ٻيون مختلف سرگرميون ڪيون ويون. ياد رهي ته فرنٽيئر ڪنسٽيبلري جي، آءِ جي صفوات غيور جي 2010 م آفيس ويجهو خودڪش حملي ۾ شهادت بعد هي ڏينهن پوليس جي شهيدن جي ڏينهن طور هر سال ملهايو ويندو آهي.

***لاڙڪاڻو بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي شهيدن جي يدگار تيوي گلن جي ڇادر ڇاڙهي سندن مغفرت جي دعا گهري ۽ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. بلاول چيو ته سنڌ پوليس سڀني صوبن کان وڌيڪ قربانيون ڏئي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.

*** مٺي ۾ بلڊ ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ جي دوري دوران ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد يار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد قوم جو سرمايو آھن جنهن جي قربانين کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي اڄوڪي ڏينهن تي اسان سمورن ٿاڻن تي فاتح خواني به ڪرائي آھي ۽ شھيدن جي گهر پڻ ويا آھيون شھيدن جي نالي اسان  مفت رت جي عطيي جي ڪيمپ پڻ لڳائي آھي جنهن ۾ جوانن رت جو عطيو ڏنو آھي اهو رت ٿيلسيميا جي مريض ٻارن کي فراهم ڪيو ويندو.

*** شهيد بينظيرآباد ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو پڻ هن ڏينهن تي خصوصي پروگرام منعقد ڪرايا. هو زخمي جوانن جي عيادت لاءِ پهتو ۽ کين تعريفي سندون ڏنيون. هن شهيدن جي ثواب لاءِ قرآن قران خواني به ڪرائي. *** دادو ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي ۽ کين خراج پيس ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس به منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪومينٽري به هلائي ويئي، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ چيو ته پوليس هميشه فرنٽ لائن تي هوندي آهي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي اسان جا جوان شهيد ٿيا آهن. ان موقعي تي شهيدن جي ونين، ضلعي جي سياسي سماجي،اديين،صحافين،پوليس جي اهم شخصيتن ۽ اهلڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ،خصوصي مهمان سيشن جج دادو قاضي محمد نعيم صديقي،ضلعي ڪائونسل چيئرمين محمد اشرف سولنگي،اديب محقق سائين حاڪم شاهه بخاري،ايس ايڇ او نور مصطفيٰ پٽاڻ،سول سرجن ڊاڪٽر عبدالحميد ميراڻي ،بار اڳواڻ عبدالرسول عباسي، ادل مهيسر،سخي سردار چارڻ، مزاحيه فنڪارن ماما لالو،عبدالله ملاح عرف موالي،غلام نبي ڀنڊ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

**** ايس ايس پي سجاول ڪئپٽن (ر ) امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ يوم شهداء وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء سجاول پوليس دستي سلامي ڏئي پريڊ مارچ ڪيو ويو. يوم شهداء جي تقريب ۾ اي ڊي سي سجاول رياض لغاري جي يو آئي سجاول جي جنرل سيڪريٽري مولوي اشرف ميمڻ سول سوسائيٽي واپاري برادر ۽ صحافين,امداد پٺاڻ, ڪامران کٽي ,اسلم شاه شفيق ٽيپو,ايم بي تارڙو سميت شهر واسين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي سجاول خطاب ڪندي چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي لازوال قربانين سان عوام پرسڪون ۽ پرامن زندگي گذاري رهيو آهي.ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو