پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي 4 ڄڻا گرفتار، انصاف جو مطالبو

پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي 4 ڄڻا گرفتار، انصاف جو مطالبو

ٺڪراٺو (ن سنڌيار)جٽ برادري ۽ اعواڻ برادري جي پلاٽ واري معاملي تي هلندڙ تڪرار تان بااثر عبدالوحيد ناصر جٽ جي چرچ تي پوليس اٽالا اسُر ويل اعواڻ برادري جي گهرن ۾ گهڙي پئي ، چوپايو مال ، موٽر سائيڪلون ، روڪ رقم سميت چار  ماڻهون گرفتار ڪري وئي. عبدالغفار ۽ عبدالخالق اعواڻ سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي گهرن ۾ ستا پيا هئا سين ته پنجن موبائلن تي پوليس اسان جي عورتن ۽ ٻارن سميت اسان جي ماڻھن کي گهلي ڪري گهرن کان ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو جنهن تي اسان جي معصوم ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا بااثر عبدالوحيد ناصر جيڪو ڪراچي کان سيڙجي اچي ڪري پوليس جي مدد سان اسان خلاف ڪارروايو ڪرائي ٿو . متاثرن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو