پوليس جي گاڏي تي فائرنگ، 1 ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

پوليس جي گاڏي تي فائرنگ، 1 ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ماڻهو فوت جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو آهي. واقعي ۾ ملوث 3 پوليس اهلڪارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. سينئر سپرنٽينڊنٽ (ايس ايس پي) ڏکڻ شيراز نذير جو چوڻ هو ته گزري پوليس جي آفيسرن متاثر ماڻهن جو پيڇو ڪري رهيا پر هنن ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن گاڏي بيٺي. پوليس اهلڪارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نبيل هود ڀائي فوت ٿي ويو جڏهن ته ان سان گڏ رضا امام زخمي ٿي پيو آهي معاملي جي وڌيڪ تحقيقات ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن آرٽلري ميدان جي ٿاڻي تي پوليس اهلڪارن خلاف پاڪستان جي آئين تحت 302 قتل جي سزا 324 قتل ڪرڻ جو ارادو، 427 ۽ 34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پهرين انفارميشن رپورٽ ۾ انسداد دهشتگردي ايڪٽ جو قلم به شامل ڪيو ويو آهي. پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ رضا امام جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف ڏنو آهي ته ان کي خيابان وٽ پوليس اهلڪارن طرفان روڪيو ويو رضا امام مطابق ان وٽ گاڏي ۾ بيئر جو ڪريٽ هيو ۽ پوليس جي پڇڻ تي هنن ٻڌايو هو ته اسان ڪينٽ جي علائقي ۾ رهندا آهيون. هن موقف اختيار ڪيو ته جڏهن پوليس طرفان گاڏي جي اندرين لائيٽ ٻارڻ جو چيو ويو ته نبيل گاڏي ڀڄائي جنهن تي هنن نبيل کان پڇيو ته تو ائين ڇو ڪيو ته جواب ۾ نبيل چيو ته پوليس سان اهڙي ئي طريقي سان پيش اچڻ گهرجي. ڄاڻايل ايف آءِ آر ۾ رضا امام ٻڌايو ته ان کان پوءِ پوليس اسان جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هوائي فائرنگ به ڪئي ان سان گڏ هن ٻڌيو ته جڏهن ڪار ڪينٽ روڊ کان فاطمه جناح روڊ ويجهو پهتي ته پوليس ان تي فائرنگ ڪئي جتي اسان کي گوليون لڳيون. ايف آءِ آر مطابق فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ پوليس آئي ۽ ڏٺو ته ڇا ٿيو آهي ان کان پوءِ هو گاڏي ڀڄائي هليا ويا. هن چيو ته انهن پوليس اهلڪارن جا چهرا ياد آهن ۽ هو انهن جي سڃاڻي سگهي ٿو. ٻئي طرف ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جنوب شرجيل کرل ٻڌايو ته سب انسپيڪٽر عبدالغفار، هيڊ ڪانسٽيبل آفتاب احمد ۽ ڪانسٽيبل محمد علي شاهه کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار سعودي قونصليٽ ويجهو گاڏي جو پيڇو ڪيو ليڪن ڪيترائي ڀيرا چوڻ باوجود گاڏي نه بيهاري وئي ۽ جڏهن پي اي سي سي ويجهو گاڏي جي رفتار گهٽ ٿي ته هڪ پوليس اهلڪار فائرنگ ڪنهن جنهن سان رضام امام کي گولي لڳي بعد ۾ اها ئي گولي نبيل هود ڀائي جي ڪنڌ ۾ ڦاسي پئي جيڪا ان جي موت جو سبب بڻي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جاءِ واردات تان گولي جو هڪ خول به مليو آهي معاملي جي تحقيقات ڪري رهيا آهيون ايس ايس پي انويسٽيگيشن راءِ اعجاز جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي  آهي. ان سان گڏ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيم سي سي ٽي وي ڪيمرائن کان ريڪارڊ گڏ ڪري رهي آهي. ان کان علاوهه آءِ جي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام به واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان تفصيل طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو