پوليس جي ڪاروائي چوري ٿيل 80 لک ۽ جوابدار هٿ

پوليس جي ڪاروائي چوري ٿيل 80 لک ۽ جوابدار هٿ

شڪارپور ( رپورٽ عبدالخالق سومرو) شڪارپور پوليس جي ڪاروائي،  چوري ڪيل اسي لک روپيا برآمد ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي شڪارپور جي ھدايتن تي لکي در ٿاڻي جي حد ۾ اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاہ جي نگراني ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي چوري ٿيل80 لک روپيا برآمد ڪري جوابدار شيراز پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو  ان حوالي سان اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاہ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته  ھڪ رات اڳ جوابدارن شڪارپور جي علائقي سومرا محلا ۾ رياض دائودپوٽو جي گھر مان80 لک روپيا چوري ڪري ويا ھئا، پوليس ٽيڪنيڪل سسٽم ۽ سي سي ٽي وي جي مدد سان ڪاروائي ڪندي مالڪ جي رياض دائودپوٽو جي ملازم شيراز پٺاڻ کي گرفتار ڪري سندس جي قبضي مان چوري ڪيل 80لک روپيا برآمد ڪري ورتا آھين ۽ جوابدار خلاف لکيدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته جوابدار جو ھڪ ساٿي فرار آھي جنھن جي گرفتاري لاءِ ڪاروائي جاري آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو