پوليس جو ٽرڪ تي ڇاپو،غير ملڪي سامان ۽ سوپاريون هٿ

پوليس جو ٽرڪ تي ڇاپو،غير ملڪي سامان ۽ سوپاريون هٿ

جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي جي هدايت تي سي آءِ اي پوليس انچارج غلام مرتضي ميراڻي، وڏي منشي عمرالدين بنگلاڻي پاران خفيه اطلاع ملڻ تي بلوچستان کان پنجاب ويندڙ ٽرڪ نمبر  ٽي ڪي اي 271 تي ڇاپو هڻي تلاشي ورتي ته ان مان 30 مڻ صحت هاڃيڪار سوپاريون، خطرناڪ هٿيار جي گولين جا کوکن سميت ڪروڙين رپين جو غير ملڪي سامان هٿ ڪري ٻن ڄڻن چمن واسي عبدالرافع پٺاڻ ۽ عبدالنافي پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي آءِ اي پوليس جي اهڙي دبنگ ڪارورائي تي ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي سي آءِ اي انچارج غلام مرتضي ميراڻي سندس ٽيم کي مبارڪ باد ڏني آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو