غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي ٽولي جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس پاران هڪ ڀيرو ٻيهر جيئند جاگيراڻي ٽولي خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جيئند جاگيراڻي ٽولي خلاف ايس ايس پي امجد علي شيخ جي موجودگي ۾ ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن هن وقت به هلندڙ آهي ۽ هن آپريشن ۾ ضلعي جي پوليس حصو وٺي رهي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته هڪ مهينو اڳ بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي ٽولي خلاف پوليس آپريشن ڪيو هو جنهن ۾ هڪ عورت سميت 4 ڌاڙيل مارجي ويا هئا ۽ 5 ڌاڙيل زخمي ٿيا هئا ۽ اڄ ٻيهر خفيه اطلاع مليو آهي ته بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي خود ڪچي جي علائقي ۾ موجودگي جا اطلاع مليا ته صبح سوير سان ئي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي مورچا سنڀالي ورتا ۽ ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي ٽولي سان هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس مهاڏو اٽڪائي رهي آهي ايس ايس پي امجد علي شيخ جو چوڻ هو ته هن آپريشن ۾ پوليس جديد هٿيارن جو استعمال ڪري رهي آهي ۽ هن آپريشن ۾ اي پي سي چين،بڪتربند گاڏيون،30 کان وڌيڪ پوليس موبائيلون ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار هن آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ايس ايس پي امجد علي شيخ جو چوڻ هو ته ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي ٽولي کي نستو نابوت ڪري پوءِ ئي سک جو ساه کنيو ويندو










