ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي 14 جنوري تي رات وقت پوليس اهلڪار عرفان خان کي شهيد ڪندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق گذريل رات گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن، 2 پسٽل ۽ 2 موٽرسائيڪل هٿ ڪيون ويون آهن. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ نادر شاهه، فهد، ارمان عرف ماني ۽ راجو طور ٿي آهي جنهن شروعاتي تفتيش ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. گذريل رات ڪجهه دڪاندارن کي ڦرڻ بعد جوابدار پيسا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ سيڪٽر 5 ايف ۾ واقع عيدگاهه گرائونڊ آيا هئا ته انهن کي اتي گرفتار ڪيو ويو. پوليس مطابق جوابدارن مان شهرين کان ڦريل ڪجهه موبائل فون ۽ روڪ پيسا به مليا آهن. جوابدارن خلاف ناجائز هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪري پڇاڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي.










