ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪارن جي اسمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.ان حوالي سان آءِ جي سنڌ جي آفيس پاران حڪم جاري ڪيو ويو آهي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پوليس اهلڪار ڊيوٽي دوران سمارٽ فون استعمال نه ڪندا.آءِ جي سنڌ جي آفيس طرفان جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ سيڪيورٽي ڊيوٽي تي موجود اهلڪار موبائل فون استعمال نه ڪندا.حڪم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊيوٽي دوران سمارٽ فون استعمال ڪرڻ تي اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










