ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ايم جي انتظام هيٺ عيد الفطر جي نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع ڪراچي جي علائقي گلشن جناح (پولو گرائونڊ) ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ انتظامن جو آغاز ڪيو ويو آهي. ڪورونا سبب گذريل ٻن سالن کان ڪراچي جو روايتي اجتماع نه ٿي سگهيو هو، ڪي ايم سي جي ترجمان علي حسن ساجد موجب هن سال عيد الفطر جي نماز لاءِ وڏي پيماني تي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ توقع آهي ته پرڏيهي اسلامي ملڪن جي سفارتڪارن، صوبائي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي، صوبائي سيڪريٽريز، مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻ۽ عوام وڏي انگ ۾ انگ ۾ شرڪت ڪندو، پولو گرائونڊ ۾ اسلامي ملڪ جا جهنڊا ڦڙڪايا ويندا، نمازين لاءِ وضو جو انتظام ڪيو ويندو، عطر جو اسپري ڪيو ويندو، صفائي سٿرائي ۽ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويندا، عيد الفطر جو هي اجتماع 1958 ع کان وٺي منعقد ٿي رهيو آهي










