مٺياڻي ( ن سنڌيار)مٺياڻيء ۾ پورھيت جو قران پاڪ کڻي ايس ايڇ او خلاف احتجاج ,چورن کان لکين روپيه رشوت وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو آھي , مٺياڻي ٿاڻو ڏوھارين لاء پناھ گاھ بڻيل آھي , انصاف ڪيو وڃي , پورھيت جمن سولنگي . خبر موجب مٺياڻيء ۾ پورھيت محمد جمن سولنگيء جي ٿيل چوري واپس نه ڪرائڻ , گرفتار چور آزاد ڪرڻ تي ھن پنھنجي گھرواريء سميت قران پاڪ مٿي تي کڻي پريس ڪلب مٺياڻي آڏو ايس ايڇ او مٺياڻيء خلاف سخت احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته ايس ايڇ او مٺياڻي منھنجي چوريء ۾ گرفتار چور کان لکين روپيه رشوت وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو آھي , مٺياڻي ٿاڻو ڏوھارين لاء اوطاق بڻيل آھي ۽ ايس ايڇ او انھن جي ميزبانيء ۾ پورو آھي , پورھيت محمد جمن سولنگي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن پھريان سندس گھر مان چوري ٿي ھئي ۽ مون پيرا کڻڻ لاء کوجي ڪتا گھرايا هئا ,جيڪي ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ سولنگي ڌر جي گھر ۾ پير لڳا ۽ پوليس ھڪ ڄڻو گرفتار به ڪيو ھيو , پر پوليس مون کي انصاف ڏيارڻ بدران چور کان رشوت وٺي انھيء کي ڇڏي ڏنو , ھن چيو ته مان غريب پورھيت آھيان ۽ بي پھچ ھجڻ ڪري مون سان انصاف نه پيو ڪيو وڃي , آخر ۾ ھن آء جي سنڌ پوليس , ڊي آء جي شھيد بينظيرآباد , ايس ايس پي نوشھرو فيروز , ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھروفيروز ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته چوري واپس ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي ۽ نا اھل ايس ايڇ او مٺياڻيء کي فوري طور معطل ڪيو وڃي .










