پوري قوم 27 مارچ تي جلسي ۾ اچي، وزيراعظم جي اپيل

پوري قوم 27 مارچ تي جلسي ۾ اچي، وزيراعظم جي اپيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان قوم کي اپيل ڪئي آهي ته سڄي قوم27 مارچ تي ٻاهر نڪري ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن کي هارس ٽريڊنگ جي جرئت نه ٿئي. سينيٽر فيصل جاويد خان سوشل ميڊيا تي چيو ته وزيراعظم عمران خان 27 مارچ جي جلسي جي حوالي سان قوم کي پنهنجو پيغام ڏيندو. هاڻ وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي هڪ مختصر ويڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ مسلمانن کي فرمائي ٿو ته توهان کي چڱائي سان گڏ بيهڻ ۽ برائي جي خلاف بيهڻو آهي. عمران خان چيو ته اڄ 30 سالن کان ملڪ کي لٽيندڙ ۽ ڪرپشن ڪندڙ چورن جا ٽولا گڏ ٿي ويا آهن ۽ عوام جي نمائندن جي ضمير جي قيمت تي انهن کي خريد ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مان چاهيان ٿو ته 27 جولاءِ تي سڄي قوم مون سان گڏ نڪري، رڳو اهو پيغام ڏينداسين ته چوري جي پئسي سان عوامي نمائندن جو ضمير خريد ڪيو پيو وڃي، جيڪو جمهوريت ۽ قوم خلاف ڏوهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته قوم 27 جولاءِ تي ٻاهر نڪري ته سڄي پاڪستان مان نڪرندي ۽ ڪنهن کي به اهڙي جرئت نه ٿيندي ته هو اهڙي طرح ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 27 مارچ تي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مخالف ڌر به ان ئي ڏينهن اسلام آباد ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو