پورهيت مٺل چاچڙ جي ڪکائين گهر کي اوچتو باھ

پورهيت مٺل چاچڙ جي ڪکائين گهر کي اوچتو باھ

سلطانپور (رپورٽ قربان علي مهر )سلطانپور ڀرسان ڳوٺ ٻڍو چاچڙ ۾ پورهيت مٺل چاچڙ جي ڪکائين گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي, باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ سمورو گهر جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو باھ سبب پورهيت جي گهر ۾ پيل اناج کٽون نياڻين لاء گڏ ڪيل ڏاج سميت هنڌ ڪپڙن سميت گهر جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو باھ لڳڻ جو اطلاع پنوعاقل فائربرگيڊ کي ڏنو ويو پر اطلاع باوجود باھ فائر برگيڊ عملو نه پهچي سگهيو موقعي ته آس پاس جي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سمورو گهر باھ جي شعلن جي ور چڙهي خاڪ ٿي ويو پورهيت دانهيندي چيو تہ چلھ جي چڻنگ مان گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب ڏسندي ڏسندي منهنجو سڄو گهر سڙي رک ٿي ويو آهي هيئنر گهر ڀاتي کُلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون, هن چيو تہ مان غريب مسڪين آهيان مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندو آهيان پر سڀ ڪجھ سڙي وڃڻ سبب کليل آسمان هيٺ اچي بي يارو مددگار ويٺل آهيان هن ڊي سي سکر ,تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن کي مالي مدد جي اپيل ڪئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو