پورهيت طبقي جي مدد ڪرڻ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب رهيو: مري

پورهيت طبقي جي مدد ڪرڻ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب رهيو: مري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن شازيه مري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو هميشه اهو خواب رهيو آهي ته هو پورهيتن ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن جي مدد ڪن.اهڙن خيالن جو اظهار هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيڊ ڪوارٽرز ۾ آل پاڪستان بي آءِ ايس پي ايمپلائيز ڪوآرڊينيشن ڪميٽي پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.شازيه مري چيو ته بي آءِ ايس پي شهيد جي خواب کي پورو ڪري ملڪ جي 9 ڪروڙ خاندانن جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ اداري جا ملازم ان خدمت کي عبادت سمجهن ٿا.بي آءِ ايس پي جي ملازمن جي شاندار خدمتن کي ساراهيندي شازيه مري 15 سالن دوران بنيادي سهولتن جي اڻهوند ۾ به سندن ثابت قدمي جو اعتراف ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملازمن پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن ذريعي سڄي ملڪ ۾ 9 ملين خاندانن جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.ان موقعي تي بي آءِ ايس پي جي ملازمن جي جائز مطالبن کي ماضي ۾ نظر انداز ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي شازيه مري چيو ته ملازمن جي محنت کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ساڳين ملازمن ٻوڏ، طوفان، گرمي ۽ سردي ۾ به پنهنجو فرض نڀايو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه صرف مستحق خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪري ٿو پر انهن خاندانن سان تعلق رکندڙ عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائي ٿو.وفاقي وزير حاضرين کي ٻڌايو ته گريڊ 1 ۽ 2 جي ملازمن جي ٽائيم اسڪيل پروموشن سان گڏ عارضي ملازمن کي مستقل ڪيو ويو آهي. شازيه مري چيو ته تازو بورڊ اجلاس ۾ ڪنٽريبيوٽري پروويڊنٽ فنڊ جي به منظوري ڏني وئي آهي.هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي ملازمن جي پروموشن جا پراڻا مطالبا هاڻي حقيقت بڻجي ويا آهن. گريڊ 16 ۽ 17 جي ڪوٽا وڌائي 100 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح گريڊ 1 کان 11 تائين جي ڪوٽا کي وڌائي 20 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو