پورهيت جي پٽ جا گڙدا فيل،مدد جي اپيل

پورهيت جي پٽ جا گڙدا فيل،مدد جي اپيل

ڏوڪري(ن سنڌيار)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پورهيت رياض حسين ماڇي جو 12 سالن جو پٽ بلاول ماڇي گڙدا فيل هجڻ ۽ پيٽ ۾ پٿريون هجڻ سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ان موقعي تي ميڊيا جي ٽيم ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پهچي بيمار نينگر بلاول ماڇي بابت معلومات ورتي،ان موقعي تي مسڪين نينگر بلاول ماڇي جي وارثن والد رياض ماڇي امڙ مسمات راشده خاتون،ناني مسمات سهڻي خاتون،چاچو انور علي ماڇي ڀائر فياض علي ماڇي اياز علي ماڇي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ بيمار نينگر بلاول ماڇي ڏيڍ سال کان گڙدن پٿري شگر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جنهن کي لاڙڪاڻي ۾ مختلف ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ويو ۽ چڪاسون ڪرايون ويون آھن جنهن ۾ ڊاڪٽرن کين ٻڌايو آهي تہ سندس گڙدا مڪمل طور ناڪارا بڻجي ويا آهن ۽ پيٽ ۾ پٿريون به موجود آھن جيڪو آپريشن ذريعي مسئلو حل ٿيندو،وارثن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته گڙدن کي تبديل ڪرڻ ۾ اٽڪل 15 کان 20 لکن تائين خرچ اچي ٿو هنن چيو تہ اسان مسڪين آهيون ۽ اسان گهر جو الھ تلھ وڪڻي وس آهر بيمار نينگر جو علاج ڪرايو آهي جڏهن تہ وڌيڪ علاج ڪرائڻ لاءِ اسان وٽ ايترا پئسا نہ آهن جو اسان بيمار نينگر جو علاج ڪرائي سگهون وارثن وڌيڪ چيو ته هن موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويل اسان جو مريض ڪيترن ئي مهينن کان گهر ۾ ھڪ ئي کٽ تي پيل آهي ۽ سندس حالت ڏينهون ڏينهن ڳڻتي جوڳي ٿي رهي آهي جيڪڏهن اسان جي بيمار مريض جو وقت تي علاج نہ ٿي سگهيو تہ کيس زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو، وارثن پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه تڪ جي چونڊيل نمائيندن توڙي وس وارن کي اپيل ڪئي آهي تہ سندن گڙدن پٿرن ۽ شگر جي بيماري ۾ ورتل اسان جو بيمار نينگر بلاول ماڇي جو تڪڙو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو