سيٺارجا (سجاد ڪٻر) سبزي مارڪيٽ پويان ويٺل ٻن غريب پورهيتن محمد مٺل منڱڻهار ۽ وزير علي منڱڻهار جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهرن سميت انهن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو جنهن بعد متاثر پورهيت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. شهرين پاران فائربرگيڊ عملي کي فوري طور آگاهه ڪيو ويو پر فوري طور واقعي واري هنڌ عملو نه پهتو جنهن ڪري هر شيءِ سڙي راک ٿي وئي. متاثر پورهيتن سنڌ حڪومت، ضلع چيئرمين توڙي ٻين اعلى عملدارن کان اپيل ڪئي ته سندن جي ٻيهر گهر اڏڻ لاءِ مالي سهائتا ڪئي وڃي.










