پهريون ڀيرو جگر جي پيوندڪاري جو لائيو آپريشن نشر

پهريون ڀيرو جگر جي پيوندڪاري جو لائيو آپريشن نشر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊائو يونيورسٽي اسپتال پاران ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ليور ٽرانسپلانٽ جو عمل سوشل ميڊيا تي لائيو ڏيکاريو ويو. 9 اپريل تي ڊائو اسپتال ۾ مجموعي طور تي 190هون ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، جيڪو هڪ تاريخي قدم هو. يونيورسٽي اسپتال طرفان هن تاريخي 190هين ليور ٽرانسپلانٽ جي عمل کي پنهنجي ويب سائيٽ سميت سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي سڌو نشر ڪيو ويو. اَٺ ڪلاڪن واري هن ٽرانسپلانٽ جو عمل آمريڪا جي يونيورسٽي آف شڪاگو جي سرجري جي پروفيسرن جي نگراني هيٺ مڪمل ڪيو ويو. ٽرانسپلانٽ جي عمل دوران پروفيسر جان لاماٽينا ۽ پروفيسر جان فنگ، ڊائو يونيورسٽي جي ٽرانسپلانٽ جي سربراهه ڊاڪٽر جهانزيب حيدر ۽ ليور ٽيم جي ميمبرن کي جگر جي پيوندڪاري بابت جديد رجحانن ۽ ٽيڪنيڪس بابت آگاهه ڪيو. يونيورسٽي طرفان ميڊيڪل جي شاگردن، استادَن ۽ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ به ٽرانسپلانٽ جي عمل کي سڌو ڏيکاريو ويو. هي عمل يونيورسٽي اسپتال جي اندر وڏي اسڪرينز تي پڻ ڏيکاريو ويو، جتي درجنين شاگرد ۽ استاد ان کي ڏسندا رهيا. ٽرانسپلانٽ جي دوران سنڌ جي ضلعي شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ 42 سالن جي مريض ۾ جگر جي پيوندڪاري ڪئي وئي، جنهن لاءِ سندس 23 سالن جي ڀائيٽيي 750 گرام جگر جو ٽڪرو عطيو ڏنو. يونيورسٽي اسپتال جي انتظاميه موجب، جگر عطيو ڪندڙ ۽ پيوندڪاري ڪرائيندڙ ٻنهي جي صحت آهستي آهستي سڌاري طرف وڌي رهي آهي. اهو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو جگر جي پيوندڪاري جو عمل سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. ليور ٽرانسپلانٽ جي سڌي نشريات هتي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو