گهرو پريشانين کان تنگ اچي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

گهرو پريشانين کان تنگ اچي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

پنوعاقل (ن س )پنوعاقل ويجهو ڳوٺ بچل خان ڌاريجو ۾ نوجوان گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ بچل خان ڌاريجو ۾ مشتاق ڀٽو پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري ڇڏيو. وارث ڳوٺاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، سندس مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو خودڪشي آهي يا قتل معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو