پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) ڪافي مهينن کان پنوعاقل تعلقي مان ڄڻ ته امن جو پکي اڏامي ويو آهي، شهر جي چئني پاسن کان رات ڏينهن ناڪابندي ۽ سخت چيڪنگ باوجود به شهر مان چورين جي وارداتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي. گذريل رات پڻ ٻن دوڪانن جا چور تالا ٽوڙي لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. جنهن ۾ نيشنل بينڪ لڳ راشد جهنڍير جي ڪريانه اسٽور جا تالا ٽوڙي موبائل ڪارڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، جڏهن ته ٻئي پاسي بائجي چوڪ لڳ امام الدين شيخ جي دوڪان جا تالا ٽوڙي ليپ ٽاپ، 37 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهاري ويا. شهر ۾ وڌندڙ اهڙي بدامني خلاف ٽائون چيئرمين شبير احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهري لاءِ ٽائون ڪميٽي پنوعاقل ۾ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن جوڪٺ ٿيو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهروڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن دوران ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت عباسي ۽ ايس ايڇ او پنوعاقل مٺل ککراڻي ٽائون ڪميٽي پهچي مظاهرو روڪرائڻ لاءِ هفتي جي مهلت ورتي ۽ چيو ته ڏوهن تي ضابطو آندو ويندو.
مشهور خبرون










