پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيس خارج ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيس خارج ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هاشم ڊوگر چيو ته 25 مئي تي اسان جي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، لاڳاپيل کاتن ۽ اختيارين کان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف سمورا ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا ويندا.سندس چوڻ آهي ته پراسيڪيوشن کاتي ۽ پوليس کي ڪيسن جي مڪمل انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ سياسي ماڻهن جي اشاري تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ آفيسرن جو احتساب ڪيو پيو وڃي.پنجاب جي گهرو وزير چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ تي فاشسٽ حڪومت جي نمائندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، فاشسٽ حڪومت پنجاب ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ قانون جي دھلائي ڪئي آهي.هن چيو ته ن ليگ پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، هاڻي پيپر ٽائيگرن کي گرفتارين جي خوف سبب لڪڻ جي جاءِ نه ملي رهي آهي، اوهان سان اهڙو سلوڪ نه ڪنداسين جيڪو اوهان اسان جي ماڻهن سان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو