پنجاب ۾ ن ليگ ۽ پ پ اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ملتوي

پنجاب ۾ ن ليگ ۽ پ پ اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ملتوي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ اقتدار جي ورڇ واري معاملي تي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ملاقات ملتوي ڪئي وئي.لاهور ۾ يوسف رضا گيلاني جي رهائشگاهه تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي وفدن جي ملاقات پنجاب ۾ اقتدار جي ورڇ واري معاملي تي ٿيڻي هئي.پ پ پنجاب جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ چيو آهي ته پنجاب ۾ اقتدار جي حصيداري بابت مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ اڄوڪي ملاقات ناگزير سببن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي آهي.حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اقتدار جي حصيداري تي ڳالهيون جلد ٿينديون، ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جي ملاقات سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خبر پئي هئي ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ گورنر شپ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ پيپلز پارٽي صوبي ۾ 3 وزارتن جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو