پنجاب ۾  افغانين جي نشاندهي لاءِ مسجدن مان اعلانن جو فيصلو

پنجاب ۾ افغانين جي نشاندهي لاءِ مسجدن مان اعلانن جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شهرين جي نشاندهي لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ افغان شهرين سميت ڪنهن به پرڏيهي کي پراپرٽي ڪرائي تي ڏيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.اجلاس ۾ گهر، دڪان، فيڪٽري، هوٽل، پيٽرول پمپ وغيره ڪرائي تي ڏيڻ جي روزاني رپورٽ طلب ڪندي غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي نشاندهي لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.اجلاس ۾ پٽواري، نمبردار ۽ لاڳاپيل علائقي جي ايس ايڇ او کي پرڏيهين کي ڏنل پراپرٽي جي رپورٽ ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏيندي سمورن ضلعن ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين بابت فيلڊ سروي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.پنجاب جي وزيراعليٰ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وزٽ ويزا يا غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ داخل ٿي نوڪري ڪندڙ پرڏيهين جي خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شهرين جي نشاندهي لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته غيرقانوني طور تي نوڪري ڪندڙ افغان شهرين کي به قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.لاڳاپيل اختيارين طرفان اجلاس کي بريف ڪيو ويو ته افغان شهرين جي نشاندهي لاءِ چهري سان سڃاڻپ جي جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خانيوال ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شهرين کي پراپرٽي ڪرائي تي ڏيڻ تي 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سموري صوبي جي ضلعن ۾ افغان شهرين جي لاءِ 45 هولڊنگ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شهرين جي قيام، طعام ۽ طورخم بارڊر تائين ٽرانسپورٽ ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو