اسلام آباد(بيورو)پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران جي خبرن منافعي خور سرگرم ٿي ويا.پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جو اگهه 100 رپين مان وڌائي 200 رپيا ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ 20 ڪلو اٽي جي ٿلهي جو اگهه 1300 رپيا ٿي ويو آهي. پشاور ۾ هاڻي 20 ڪلو جو ٿيلهو 1400 رپين ۾ ملي ٿو، جنهن کي ڏسندي واپارين پنجاب مان ڊليوري بلاڪ ڪرڻ جي سموري ذميواري پاڻ تي منتقل ڪري ڇڏي آهي ۽ وڌيڪ بحران جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. اٽي جي ڊيلرز موجب پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي سپلائي بند ڪرڻ جو خدشو آهي، اٽي جي قيمت ۾ 20 ڪلوگرام اٽي جي قيمت ۾ 20 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي خوراڪ کاتي موجب پنجاب مان اٽي جي سپلائي ٿي رهي آهي، اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي پر عيد جي موڪلن سبب ڊيلرز اٽو نه آندو، گذريل هڪ هفتي دوران 562 ٽرڪن ذريعي پنجاب کان خيبرپختونخواهه ۾ اٽو سپلائي ڪيو ويو.










