پنجاب ۽ ڪي پي اسمبليون باجوا جي چوڻ تي ٽوڙيون

پنجاب ۽ ڪي پي اسمبليون باجوا جي چوڻ تي ٽوڙيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مشوري تي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. اي آر واءِ نيوز تي اينڪر پرسن ماريا ميمڻ کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته هن صدر عارف علوي سان گڏ جنرل باجوه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ جنرل باجوه چيو ته اسيمبليون ٽوڙيو ته چونڊون ڪرايون وينديون. هن دعويٰ ڪئي ته وفاقي حڪومت اپوزيشن سان ڳالهين کي استعمال ڪندي چونڊن ۾ دير جا حربا استعمال پئي ڪري پر اسين 14 مئي کان اڳتي چونڊ وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته مون شاهه محمود قريشي کي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو پر هن سان حڪومت پاران ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته اسد قيصر کي حڪومت سان ڳالهين جو اختيار ناهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ حڪومت ڪا تجويز ڏني ته غور ڪري سگهجي ٿو پر اهو به جون يا جولاءِ کان اڳتي نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته مان زمان ٽائون جي گهر تي حملي جي معاملي کي معاف ڪري سگهان ٿو پر اسانجي ڪارڪنن تي ٿيل تشدد، ظل شاهه جي قتل کي ڪيئن معاف ڪري ٿا سگهون، ان جو حساب ٿيندو. مان چوان ٿو ته چونڊن کان اڳ حڪمران ڌر جي ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا وڃن، هي سڀ فرار ٿي ويندا. هڪ سوال تي هن چيو ته شهباز شريف کي سزا ٿيڻ واري هئي پر جنرل باجوا هن کي بچايو ۽ وزيراعظم بڻائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو