پنجاب ۽ سنڌ سميت ملڪ جي شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو

پنجاب ۽ سنڌ سميت ملڪ جي شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي شماريات کاتي 2017 کان 2023 تائين پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ آبادي وڌڻ جي شرح جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.شماريات کاتي موجب پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. پنجاب جي شهري علائقن ۾ آبادي وڌڻ جي شرح ڏوراهين علائقن جي مقابلي ۾ 3 ڀيرا وڌيڪ ٿي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي شهري آبادي ۾ به اضافي جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.انگن اکرن موجب ملڪ ۾ پنجاب جو ضلعو ننڪانه صاحب آبادي وڌڻ جي شرح ۾ پهرين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ ضلع شرقي ڪراچي، خيبرپختونخواهه ۾ ضلع ڪوهستان ۽ بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ آبادي وڌڻ جي رفتار سڀني کان وڌيڪ تيز آهي.شماريات کاتي موجب گذريل 7 سالن جي دوران پاڪستان جي آبادي ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو آهي. ڳوٺاڻي آبادي 1.88 سيڪڙو جڏهن ته شهري آبادي ۾ اضافي جي شرح 3.87 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو