پنجاب ڪڻڪ خريداري جو حدف حاصل ڪري ورتو،فردوس

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ خريداري جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ حدف حاصل ڪري ورتو آهي.پنهنجي  ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي ياد ۾ هاري دوست پنجاب حڪومت ڪڻڪ خريد جو عمل ڪاميابي سان جاري رکندي پئي اچي. هارين جي لاءِ ڪيل مثالي قدم بزدار حڪومت جي هاري دوستي جو ثبوت آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب حڪومت بارداڻي جي فراهمي سان ڪڻڪ جي خريداري تائين بهترين انتظام ڪيا. صوبي ۾ باردانو يا مقرر  اگهن بابت ڪنهن به قسم جي شڪايت ناهي آئي. الحمدالله ڪڻڪ خريدارري جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ حدف حاصل ڪري چڪو آهي.بزدار حڪومت ڪڻڪ جي وقت تي خريداري يقيني بنائيندي جلد پنهنجو حدف مڪمل ڪندي. وڏي انگ ۾ ڪڻڪ جي خريداري نه صرف پنجاب پر ملڪ ۾ غذائي ضرورتون پوري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو