اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ وارو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مني بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي سخت پروگرام ۾ شامل آهي، اسان فنڊن جي کوٽ ۽ وڏي خساري کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان وٽ مختص بجيٽ کان علاوه اضافي فنڊ موجود نه آهن، ايم ايف جو پروگرام حد کان وڌي ويندو، آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل خساري کي محدود ڪرڻ چاهيون ٿا.










