لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ (ايل ايڇ سي) جي چيف جسٽس عاليه نيلم، سومر ڏينهن هڪ عبوري حڪم جاري ڪندي تازو نافذ ڪيل پنجاب غير منقول ملڪيت جي مالڪي جي تحفظ جو آرڊيننس، 2025 تي عملدرآمد معطل ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽين کي ملڪيت جي تڪرارن بابت فيصلا ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا هئا.
جسٽس نيلم اهو حڪم عابده پروين ۽ ٻين طرفان داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران ڏنو، جن ۾ آرڊيننس تحت ملڪيت جي تڪرارن بابت ڪيل فيصلن کي چيلينج ڪيو ويو هو. عبوري حڪم ذريعي هن نئين قانون هيٺ ملڪيتن جو قبضو کسيندڙ فيصلا به معطل ڪري ڇڏيا.
قانون تي ناراضگي ظاهر ڪندي چيف جسٽس چيو: “ڪنهن کي حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته جيڪڏهن هي قانون لاڳو رهيو ته اڌ ڪلاڪ ۾ جاتي عمره (شريف خاندان جي رهائش) به خالي ڪرائي سگهجي ٿي. لڳي ٿو ته ڪجهه ماڻهو سمورا اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهين ٿا.”
قانون جي مقصد تي سوال ڪندي چيف جسٽس پڇيو ته جڏهن معاملو سول ڪورٽ ۾ زيرِسماعت هجي ته پوءِ روينيو آفيسر ڪيئن ملڪيت جو قبضو ڪنهن ٻئي حوالي ڪري سگهي ٿو؟ جسٽس نيلم چيو ته نئين قانون سول نظام، شهري حقن ۽ عدالتي بالادستي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته “جيڪڏهن اختيار وارن تي ڇڏجي ته اهي آئين کي به معطل ڪري ڇڏين ها.”
هن اهو به چيو ته جيڪڏهن نئين قانون تحت ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن شخص جي گهر جو قبضو ڪنهن ٻئي کي ڏئي، ته متاثر شخص کي اپيل جو به حق حاصل ناهي. “هي قانون هاءِ ڪورٽ کي به اهڙن معاملن ۾ اسٽَي ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏئي،” هن نشاندهي ڪئي.
اڄ جي ٻڌڻي دوران پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا سرڪاري عملدار عدالت ۾ موجود هئا، پر پنجاب جو ايڊووڪيٽ جنرل پيش نه ٿيو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته اعليٰ قانوني آفيسر بيمار آهي.
ان تي جسٽس نيلم چيو ته هوءَ پاڻ به بيمار آهي ۽ کيس بستري تي آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي هئي، پر ان باوجود هوءَ عدالت ۾ ڪارروائي هلائي رهي آهي. چيف جسٽس بعد ۾ چيو ته معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙيو ويندو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته لاڳاپيل آرڊيننس جي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز 31 آڪٽوبر تي منظوري ڏني هئي، جنهن تحت زمين جي تڪرارن کي 90 ڏينهن اندر حل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. جنهن جي وڏي پيماني تي اشتهار بازي به ڪئي وئي هئي.
هي آرڊيننس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، ۽ اڳئين ٻڌڻي دوران جسٽس نيلم پنجاب انفورسمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) هيٺ نئين ٺهيل فورس جي اهڙن معاملن ۾ شموليت تي به سوال اٿاريو هو.
هن ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته “پٽوارين (روينيو عملدارن) ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي لڳي ٿو ته جج بڻجڻ جي خواهش پيدا ٿي وئي آهي.”










