پنجاب واسي نوجوان ريل تان ڪري فوت ٿي ويو

پنجاب واسي نوجوان ريل تان ڪري فوت ٿي ويو

گمبٽ (رپورٽر عبدالحي شيخ) پنجاب کان ڪراچي ويندڙ  پنجاب جو رهواسي نوجوان نائين ڪلاس جو شاگرد فهد ولد سبطين عباس خواجه ريل گاڏي مان ڪري چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو اطلاع تي وارثن سندس چاچي ناصر عباس ۽. ڪفايت حسين خواجه  پهچي سڃاڻپ فهد حسين طور ڪئي. ريلوي پوليس اهلڪار فدا حسين چنو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيٺارجا اسٽيشن تي ريل گاڏي بيهڻ سبب نوجوان بسڪوٽ وٺڻ لاءِ لٿو ته ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي وئي نوجوان ڀڄندي ريل گاڏي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪري ريل گاڏي هيٺان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ايڌي وارن جي تعاون سان لاش گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو