حيدرآباد (پ_ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي نائب صدر امجد سرگاڻي، سميع ابڙي ۽ عمير سنڌي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب حڪومت پنجاب جي شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏئي پئي پر سنڌ حڪومت سنڌ جي شاگردن کي ليپ ٽاپ سميت ڪا به سهولت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، الٽو هاسٽلن تي قبضا ڪرائي اڪثر شاگردن کان هاسٽل جي سهولت به ڦري وئي آهي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جو اعلان ڪيو ويو آهي پر شاگردن جوتعداد وڌيڪ ۽ ليپ ٽاپ جو تعداد گهٽ آهي جنهن سبب اڪثر شاگرد ليپ ٽاپ کان رهجي ويندا. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته انرولڊ توڙي تازوپاس آئوٽ ٿيل سمورن غريب شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا وڃن، ان سان گڏ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ايفيليٽڊ شاگردن کي به ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ اپلائي ڪرڻ جي اهل قرار ڏنو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي جنهن سبب غريب شاگرد ليپ ٽاپ کان محروم رهجي وڃن ٿا جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته ماضي جيان ليپ ٽاپ اسڪيم کي ڪرپشن جي ور چاڙهڻ بدران ليپ ٽاپ ميرٽ جي بنياد تي سمورن غريب شاگردن کي ڏنا وڃن ته جيئن شاگرد بهتر نموني سان پڙهائي ڪري سگهن. اڳواڻن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم يونيورسٽين سان افيليٽڊ ڪاليجن لاءِ ناهي رکي وئي جنهن سبب ڪاليجن م پڙهندڙ هزارين شاگرد ليپ ٽاپ کان محروم رهجي ويندا. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ليپ ٽاپ اسڪيم ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن سميت سمورن غريب شاگردن لاءِ جاري ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو آهي ته غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جاري ڪيون وڃن ته جيئن هارين ۽ مزدورن جا ٻار بغير پريشاني جي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن.جيئن پنجاب جا شاگرد وفاقي حڪومت کان الڳ سان ۽ پنجاب حڪومت کان الڳ سان ليپ ٽاپ حاصل ڪن پيا، تيئن سنڌ حڪومت به پنهنجي طرفان شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ ۽ ٻيون اسڪالرشپون شروع ڪري. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي بجيٽ وڏيرن جون اوطاقون ٺاهڻ تي خرچ ٿي رهيون آهن. شاگردن کي ڪي به سهولتون نٿيون ملن.










