پنجاب: زمينن تي قبضن خلاف ٽربيونل جون ٻڌڻيون

پنجاب: زمينن تي قبضن خلاف ٽربيونل جون ٻڌڻيون

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ٻنين (زمينن) تي قبضا ڪرڻ وارن خلاف ٽربيونل سڀاڻي کان ڪارروايون شروع ڪندا.بورڊ آف روينيو پنجاب پاران نامزد ججن کي ٽربيونلز جو جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، هر ضلعي ۾ مقرر ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي لاڳاپيل پراپرٽي ٽربيونلز جو جج مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن جون ڪاپيون چيف سيڪريٽري پنجاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس، رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ، سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي موڪليون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو