لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن نه ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽن تي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن نه ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا. علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن لاءِ نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن منحرف ميمبرن جو ضابطو مقرر ڪرڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو پابند آهي، ان ۾ تبديلي نه ٿي سگهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ چيو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو ته 20 سيٽون خالي آهن ان ڪري پارٽين جي ڪل سيٽن ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهو موقف ناهي پي ٽي آءِ جي وڪيل جي دليلن تي ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن عام چونڊن کانپوءِ ٿيندو آهي، هاڻي 20 سيٽن تي سياسي پارٽين جو موقف تبديل ٿي ويو آهي، منهنجي خيال ۾ لارجر بينچ جو معاملو آهي. بعد ۾ عدالت پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










