پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو، عام زندگي متاثر

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو، عام زندگي متاثر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي، موٽر وي جا مختلف حصا پڻ بند ڪيا ويا آهن.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي M2، M3، درخانه کان فيض پور، M4 شير شاهه کان پنڊي ڀٽيان ۽ M11، لاهور مين ٽول پلازا کان سمبڙيال تائين ڪوهيڙي سبب بند ڪيا ويا آهن.ملتان-سکر ايم-5 تي به ٽريفڪ معطل آهي، اين ڊي ايم اي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ڏکڻ ۽ وچ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي جي امڪان جو الرٽ جاري ڪيو آهي.اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته لاهور، جهنگ، ملتان، خانيوال، ميان چنو، ساهيوال سميت مختلف شهرن ۾ سخت ڪوهيڙي جو امڪان آهي.اپر سنڌ جي علائقن، خاص طور تي سکر جي آس پاس ڪوهيڙي جو امڪان آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ رات ۽ صبح سوير ڪوهيڙي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو