پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آپريشن، 23 خطرناڪ دهشتگرد گرفتار

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آپريشن، 23 خطرناڪ دهشتگرد گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڳجهي اطلاع تي 200 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 23 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي صوبائي راڄڌاني لاهور، جهلم، سيالڪوٽ، راولپنڊي، گجرات، ميانوالي، سرگوڌا، فيصل آباد ۾ ڪارروايون ڪيون. ترجمان سي ٽي ڊي پنجاب موجب لاهور مان 7 خطرناڪ خارجي دهشتگردن کي هٿيارن ۽ ڌماڪيدار مواد سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن وٽان هڪ تعليمي اداري جا نقشا به برآمد ٿيا آهن. دهشتگرد مختلف شهرن ۾ ڌماڪا ڪري خوف ۽ حراس ڦهلائڻ چاهين پيا. ترجمان موجب صوبي ڀر ۾ 9471 ڪومبنگ آپريشنز ڪيا ويا جن ۾ 1033 شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. جڏهن ته 21708 ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. هڪ خطرناڪ دهشتگرد عمر جو تعلق وزيرستان سان آهي، جنهن کي بارودي مواد سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو