راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمير نيازي چيو آهي ته هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس به جلد طلب ڪيو پيو وڃي.راولپنڊي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمير نيازي چيو ته عدالتي حڪمن باوجود پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي.عمير نيازي چيو ته اسان کي ان لاءِ روڪيو پيو وڃي ته اسان پي ٽي آءِ جي باني کان ڪا به هدايت نٿا وٺي سگهون، ملاقات کان روڪڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو.هن چيو ته عوام چوري ٿيل مينڊيٽ جي حڪومت کي تسليم نه ڪندو، توهان ڏسندا ته هاڻي ان جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي.










