پنجاب اسيمبليءَ ۾ جوڊيشل ڪميٽي جو قيام چيلينج

پنجاب اسيمبليءَ ۾ جوڊيشل ڪميٽي جو قيام چيلينج

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبليءَ ۾ جوڊيشل ڪميٽي جي قيام کي لاهور هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. هيءَ درخواست ثناءِ افضل ملڪ پنهنجي وڪيل نديم سرور ايڊووڪيٽ جي معرفت داخل ڪرائي آهي، درخواست ۾ سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چيمبر سميت ٻين کي ڌر (فريق) بڻايو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبليءَ جي جوڊيشل ڪميٽي عدليه جا اختيار استعمال ڪري رهي آهي، ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ ٺهرائڻ جون هدايتون ڏيڻ غير قانوني آهي. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته اها جوڊيشل ڪميٽي جي قيام کي ڪالعدم (ختم) قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو