جيڪب آباد: (ن س) جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٻن عورت سميت 10 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور محمد پٺاڻ ۾ بروهي برادري جي جهيڙي ۾ ناز بيبي، ذرجان ببي، يعقوب، نادر علي، ڪاشف، عبدالقادر سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي سول اسپتال آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏئي داخل ڪيو ويو. پوليس موجب بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو لٺيون سروٽا ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 10 زخمي ٿيا آهن.










