صالح پٽ( رپورٽ نياز مهر )واوڙي ڳوٺ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ ڪھاڙين ۽ لٺين جو آزادانا استعمال ڪيو ويو لٺين ۽ ڪھاڙين لڳڻ سبب ھڪ عورت سميت ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ،ارشاد، عرفان، پير بخش، الاهي بخش، بشير، منظور، محمد حسن ،ربنواز، غلام اڪبر، ۽ ھڪ عورت مسمات جوائي سومرو سميت 10 ماڻهون زخمي ٿي پيا جنهن کي صالح پٽ پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏيئي تعلقہ اسپتال روهڙي اماڻي ڇڏيا پوليس موجب ٻنھي ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿيو آھي زخمين کي پوليس موبائل ۾ روھڙي اسپتال اماڻيو آهي ۽ ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي ميڊيڪل رپوٽ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ٻنھي ڌرين جا 4 ماڻهو گرفتار ڪيا آھن.










