پشاور ۾ پي ڊي ايم قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع

پشاور ۾ پي ڊي ايم قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع

پشاور (م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان گهرو وزير رانا ثناءُالله سميت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي قيادت جي خلاف پشاور جي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي درخواست هڪ وڪيل نورشير ايڊووڪيٽ پاران اوڀر ٿاڻي ۾ جمع ڪرائي وئي درخواست ۾ چيو ويو ته ماضي ۾ وزيراعطم شهبازشريف اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان، رانا ثناءُالله خواجه سعد رفيق، عطاتارڙ ۽ پرويز رشيد سميت ٻين پي ڊي ايم جي شخصيتن فوج جي خلاف نفرت جوڳا بيان ۽ تقريرون ڪيون انهن جي بيانن جا وڊيو ڪلپ به سوشل ميڊيا تي موجود آهن درخواست مطابق نفرت ڏياريندڙ بيان دشمن ملڪ جي حڪم تي ڏنا ويا آهن نور شير مهمند ايڊووڪيٽ هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم ۽ ٻي قيادت جي خلاف درخواست ٿاڻي ۾ جمع رڪائي ڇڏي نورشير مهمند مطابق ان جو تعلق انصاف لائرز فورم سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو