پشاور ۾ ٻن چيڪ پوسٽن تي حملو، 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

پشاور ۾ ٻن چيڪ پوسٽن تي حملو، 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور ۽ باڙه ۾ پوليس چيڪ پوسٽن تي دهشتگردن جي حملن ۾ اي ايس آءِ سميت 2 پوليس اهلڪار ۽ 2 گذرندڙ مارجي ويا.پشاور ۾ سربند پوليس چيڪ پوسٽ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ مارجي ويو. حملي آور پوليس چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.هوڏانهن باڙه جي علائقي عجب تالاب ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ انسپيڪٽر ۽ 2 پاسدار مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ٻيا فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو