پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي ميرڪاچوڌي علائقي جي مهرگل ڪلي ۾ پوليس مقابلي دوران چار ڌاڙيل مارجي ويا، پوليس موجب، جڏهن پوليس ڌاڙيلن جي موجودگي جي اطلاع تي پهتي ته جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ ٽولي جا چارئي ڌاڙيل جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار 2003 کان پوليس جي وردي ۾ ڏوهه ڪري رهيا هئا. ڌاڙيلن هڪ ڊاڪٽر جي گهر مان ڪروڙين رپيا ۽ زيور به لُٽيا، ايس ايس پي آپريشنز پشاور مسعود احمد بنگش ان حوالي سان چيو ته چئن مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جن مان 3 جو تعلق افغانستان سان آهي، مسعود احمد بنگش چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل پشاور، راولپنڊي، نوشهره ۽ ٻين ضلعن جي پوليس کي انتهائي گهربل هئا. ڌاڙيلن تازن ڏينهن ۾ ٻه وڏا ڏوهه ڪيا هئا. ڌاڙيلن کان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ رائفل، 2 پستول ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.










