پشاور زلمي خلاف اننگز پسنديده قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پي ايس ايل (پاڪستان سپر ليگ) جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي بيٽسمين جيسن راءِ پشاور زلمي خلاف گذريل ڏينهن پنهنجي رڪارڊ ٽوڙي اننگز کي ڪيريئر جي پسنديده قرار ڏنو آهي.اربع تي پي ايس ايل جي 25هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پشاور زلمي پاران ڏنل 241 رنسن جو هدف جيسن راءِ جي شاندار اننگز جي بدولت حاصل ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. جيسن راءِ پشاور جي بالرن کي هلڻ نه ڏنو ۽ 44 بالن تي پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي جڏهن ته هو 5 ڇڪن ۽ 20 چوڪن جي مدد سان 63 بالن تي 145 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.هن اننگز جي بدولت جيسن روئي پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو.ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي جيسن راءِ چيو ته پشاور زلمي خلاف کيڏيل اننگز منهنجي هن وقت تائين جي بهترين اننگز آهي جيڪا هميشه ياد رهندي.هن چيو ته منهنجي ذهن ۾ شڪست جو ڪو خوف نه هو ۽ اهو ئي مون کي شاندار اننگز کيڏڻ ۾ مدد ڏني.جيسن راءِ چيو ته اسان کي خبر هئي ته اسان کي سٺي مارجن سان فتح حاصل ڪرڻي آهي، 241 رنسن جي ٽارگيٽ جو تعاقب آسانيءَ سان 13-14 اوورن ۾ ميچ کٽڻ هو، تنهن ڪري مون پنهنجا سمورا خوف پوئتي رکي ميدان ۾ داخل ٿيس. اسان سڀ پرسڪون هئاسين، اسان پنهنجي ڪلهن تي ڪو به دٻاءُ نه ورتو.هن چيو ته وڪيٽ ۽ ڪروڊ شاندار هو، پچ ڪيتري به سازگار هجي، 200 کان وڌيڪ رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ خاص ڳالهه آهي.پنهنجي اننگ بابت ڳالهائيندي جيسن راءِ چيو ته اها منهنجي پسنديده اننگز مان هڪ آهي ڇو ته مان آخر تائين بيٺو رهيس، محدود اوور جي ڪرڪيٽ ۾ ڪافي ڀيرا جڏهن اوپننگ ڪندو هوس ته سينچري اسڪور ڪندو هوس. 100 کان پوءِ آئوٽ ٿيو جڏهن ٽيم کي فتح لاءِ اڃا 20 يا ان کان وڌيڪ رنسن جي ضرورت هئي پر اڄ مان آخر تائين کيڏيس، جيڪو ڪنهن به اوپنر لاءِ وڏو احساس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو