ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) ڳوٺ جمعو ناريجو ۾ چڱي مڙس صدام ناريجو بند ڪمري ۾ جرڳو ڪري پرڻيل همراهه سعيد احمد سيلرو پٽ شمس دين سيلرو پسند جي پرڻي لاءِ پنهنجون ٻه معصوم نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏئي ٻئي شادي ڪري ڇڏي. وڏيري ڇوڪري جي پيءُ عاشق سيلرو جي غيرموجودگي ۾ فيصلو ڪري چڏيو. عاشق سيلرو ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي نياڻي جو رشتومائٽ سان ڪيو جيڪا ڳالهه سندن ڌيءَ زليخا کي پسند نه آئي ۽ گذريل ڏينهن منهنجي غير موجودگي ۾ ڌيءَ پسند جو پرڻوڪيو. اهڙو اطلاح پوليس کي پڻ ڏنو ويو. ناري جي چاهيندڙ ۽ نڪاح ڪندڙمولوي اڪبرجوڻيجو جي شاهدي ۾ نڪاح ڪرائي دستاويزن تي صحيون وٺرائي جوڙي کي پرڻائي 5 هزار خرچي ڏئي اماڻي چڏيو. سڱ چٽي ۾ ڏنل ٻن معصوم نياڻن ۾ هڪ کيرپياڪ نور ۽ ٻئي ٽن ورهين جي سونهن شامل آهن. ايس ايڇ او سجاد جمالي ميڊيا کي ٻڌايو ته اطلاع مليو آهي قانون موجب ڪروائي ڪريون پيون.










