اسلام آباد (بيورو )پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپ جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير ملڪ ۾ برساتن ۽ جاني ۽ مالي نقصان سبب دورو ملتوي ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري جرمني، ڊنمارڪ، سويڊن ۽ ناروي جي دوري تي روانو ٿيڻو هو، پرڏيهي وزير جو دورو انهن ملڪن سان مشاورت کانپوءِ ري شيڊول ڪيو ويندو.










