پرڏيهي مٽا سٽا جي بچت لاءِ حڪومت جو سڌارن وارو منصوبو تيار

پرڏيهي مٽا سٽا جي بچت لاءِ حڪومت جو سڌارن وارو منصوبو تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران حڪومت سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ، درآمدي گيس تي انحصار گهٽائڻ ۽ قيمتي پرڏيهي مٽا سٽا جي بچت لاءِ گيس شعبي ۾ سڌارن جو وڏو منصوبو تيار ڪيو آهي.نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سڌارن جو منصوبو پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري لاءِ سومر تي طلب ڪيو ويو آهي.گيس ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2012 يا ٽائيٽ گيس ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2011 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن.حڪومتي ذريعن موجب پيٽروليم ڊويزن گئس شعبي ۾ سڌارن لاءِ اهم تجويزن جي سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا منظوري لاءِ 29 جنوري تي ٿيندڙ سي سي آءِ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.ذريعن موجب ترميمن تحت گئس ڪمپنيون 50 سيڪڙو مقامي گئس نجي شعبي کي وڪرو ڪرڻ لاءِ آزاد هونديون ۽ 50 سيڪڙو مقامي گئس سوئس سدرن ۽ ناردرن گئس ڪمپنيون خريد ڪنديون، جڏهن ته موجوده پاليسي تحت 90 سيڪڙو مقامي گئس ڪمپنيون خريد ڪنديون. مقامي گئس حڪومت خريد ڪري ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽائيٽل گيس لاءِ پريميئم 20 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪرڻ ۽ مهانگي امپورٽ گيس تي انحصار گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي ڳولا ۽ پيداوار لاءِ ڪيتريون رعايتون تجويز ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب پيٽروليم ڊويزن تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداواري ڪمپنين جي مشاورت سان گيس ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2012 ۽ ٽائيٽ گيس ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2011 ۾ ترميم جي تجويز ڏني آهي.تجويزن موجب پراڻن گئس جي ڳولا جا لائسنس رکندڙن کي نئين گئس جي ڳولا لاءِ رعايتون ملنديون ۽ 30 سالن جي ليز مڪمل ڪرڻ وارن کي ليز جي تجديد جي اجازت هوندي.پاڪستان وٽ 35 ٽريلين ڪيوبڪ فوٽ گيس جا ذخيرا اندازاً موجود آهن، پر اعليٰ لاڳت ۽ خطري سميت ٻين سببن جي ڪري ڪمپنيون سخت گيس ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان انڪاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو