اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ميمبر حامد زمان ۽ سينيٽر سيف الله نيازي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي لاهور موجب حامد زمان کي ايف آءِ اي لاهور جي وارث روڊ تي سندس آفيس مان گرفتار ڪيو آهي.ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته 2013 ۾ انصاف ٽرسٽ جي اڪائونٽ ۾ 6 لک 25 هزار ڊالر آيا، انصاف ٽرسٽ قاعدن ۽ ضابطن تي پورو نه لهي، حامد زمان انصاف ٽرسٽ جو سيڪريٽري هو.واضح رهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم گذريل ڏينهن پرڏيهه مان غير قانوني طور تي پاڪستان فنڊز منتقل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ جي عهديدار ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فرنٽ مين طارق شفيع کي گرفتار ڪيو هو، جنهن جي ڪراچي ۾ گهر تي ڇاپو هنيو هو.ايف آءِ اي جي ٽيم جمعي جي صبح (اڄ) صبح طارق شفيع جي گهر جي سرچ وارنٽ سان سرچنگ پڻ ڪئي.طارق شفيع جي غير حاضري سبب ايف آءِ اي ٽيم کيس گرفتار ڪرڻ کانسواءِ واپس هلي وئي.










