اسلام آباد: (بيورو) حڪومت جي تبديلي ۾ مبينه پرڏيهي سازش جي جاچ لاءِ صدر عارف علوي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو. صدر عارف علوي خط ۾ لکيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪري هن وقت ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران کان بچائڻ جي ضرورت آهي. صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي.صدر عارف علوي خط ۾ لکيو آهي ته ملڪ ۾ سنگين سياسي بحران پيدا ٿي ويو آهي. تازن واقعن جي حوالي سان عوام ۾ وڏي سياسي ورهاست پيدا ٿي رهي آهي. سمورن ادارن جو فرض آهي ته اهي ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن. صدر خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته افسوس سان چوڻو پيو پوي ته تبصرا اصل صورتحال کان هٽي ڪري ڪيا پيا وڃن. جنهن سبب غلط فهميون وڌي رهيون آهن. صدر لکيو آهي ته موقعا ضايع ٿي رهيا آهن. معيشت به بحران ۾ آهي. سپريم ڪورٽ ماضي ۾ قومي سلامتي، ملڪ جي سالميت، خودمختاري ۽ مفاد وارن معاملن ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي. چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ ڪئي. صدر لکيو ته اهڙي طرح ميموگيٽ معاملي جي جاچ لاءِ به جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو ويو. گم ٿي ويل ماڻهن جي لاءِ هڪ فعال جوڊيشل ڪميشن موجود آهي جنهن جي سربراهي سپريم ڪورٽ جا جج ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ وزيراعظم شهباز شريف به ڪميشن جي قيام واري خواهش جو اظهار ڪيو. خط ۾ عارف علوي چيو آهي ته قوم سپريم ڪورٽ جو احترام ڪري ٿي پنهنجي اميدن تي پورو لهڻ جي اميد ڪري ٿي. ڪميشن کي معاملي جي جاچ قانوني ٽيڪنيڪي بنيادن تي نه پر انصاف جي اصل روح موجب ڪرڻ گهرجي. اها اسان جي ملڪ جي وڏي خدمت هوندي. پاڪستاني عوام قومي اهميت جي معاملي تي وضاحت جي مستحق آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ لکيو ته عالمي تاريخ ۾ سازشن ذريعي حڪومت جي تبديلي جون تمام گهڻيون مثالون موجود آهن. منهنجي راءِ آهي ته رڪارڊ ٿيل حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل شاهديون نتيجن طرف وٺي وڃي سگهن ٿيون. درخواست آهي ته جوڊيشل ڪميشن مبينه سازش واري معاملي جي مڪمل جاچ ڪري.










